جامي چانڊيو

جامي چانڊيو

جامي چانڊيو

جامي چانڊيو: نوجوان دانشور، ڪالم نگار، نقاد جامي چانڊيو 11 مارچ 1969ع تي ڳوٺ ٺوڙهي بجار، تعلقي قمبر، ضلعي قمبر- شهدادڪوٽ ۾ نامور تعليمدان ۽ فارسيءَ جي صاحب ڪتاب شـاعـر، پـروفيـسـر عبـدالـحـئي چانڊيي جي علمي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، سندس اصل نالو جاويد آهي. پـرائمـري تعـليـم گـورنـميـنـٽ پـرائـمـري اسڪول علي خان، قمبر مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڇهون ۽ ستون درجو قمبر هاءِ اسـڪـول ۾ پـڙهيـو. وڌيـڪ تعليـم لاءِ 1981ع ۾ ڪيـڊٽ ڪاليـج پيـٽاري ۾ داخل ٿيو. 1986ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري مان انٽرميڊيٽ ڪيائين. 1993ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. ايس. سي (فزڪس) ڪيائين. سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ شاگرد سياست ۾ سنڌ، ملڪي ۽ ايشيائي سطح تي سرگرم رهيو. 1989ع ۾ ٿائيلينڊ ۽ 1990ع ۾ ڀارت ۾ ايشيائي شاگردن جي عالمي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيو. 1995ع ۾ عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي ادبي رسالي ماهوار بختاور جو ايڊيٽر رهيو. 1997ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ايڊيٽنگ ۽ ٽرانسليشن بيورو جو انچارج ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، پر سـُـتت ئي استعيفا ڏنائين. 1998ع کان 2002ع تائين روزاني عبرت حيدرآباد جو انچارج ايڊيٽر رهيو. روزاني ڪاوش، ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي ويءَ سان هڪ ڪالم نگار ۽ ميزبان طور وابسته رهيو. مختلف ملڪي ۽ بين الاقوامي ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ مهمان استاد ۽ تربيتڪار طور ليڪچر ڏيڻ سان گڏوگڏ ايشيا، آمريڪا ۽ يورپ جي پندرهن کان وڌيڪ ملڪن جا تعليمي، مطالعاتي ۽ سياسي دورا ڪري چڪو آهي. کيس اي. پي. اين. ايس طرفان ٻه ڀيرا (2000-1999ع ۽ 2002-2001ع) سنڌي ٻوليءَ جي بهترين ڪالم نگار ۽ مضمون نگار طور اوارڊ ملي چڪا آهن. 2004ع کان پاڪستان جي چئني صوبن ۾ مختلف سياسي پارٽين جي ڪيترن مرڪزي، صوبائي ۽ مقامي اڳواڻن کي سياسي تربيت ڏئي چڪو آهي، جنهن ۾ صوبن جا ايم. پي. اي ۽ ايم. اين. اي شامل هئا. سياست ۽ سياسي مئنيجمينٽ جي هڪ ماهر طور سنڌ توڙي پاڪستان ۾ سندس مڃتا آهي. جامي چانڊيو، سول سوسائٽيءَ جي ملڪي سطح جي ڪيترن ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو ميمبر ۽ ڪجهه عالمي ۽ ڏکڻ ايشيائي ٿنڪ ٽينڪس جو سرگرم ميمبر ۽ مهمان اسڪالر به رهيو آهي. سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن:

(1) پاڪستان ۾ وفاقيت جمهوريت جو بحران ۽ قومي خودمختياري (آڪٽوبر 2009ع)، (2) تبديليءَ جا محرڪ ۽ سنڌ جو آئيندو، (3) ايم. ڪيو. ايم جي سياست ۽ سنڌ (جون 2007ع)، (4) تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا، (5) ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا (آگسٽ 2007)، (6) ادب، سياست ۽ سنڌي سماج (اپريل 2007ع)، (7) سنڌي ادب ۾ تنقيد- شيخ اياز (ترتيب)، (8) سنڌي ادب ۾ تنقيد- افسانوي ۽ فڪري ادب (ترتيب)، (9) لبرل ازم: هڪ اڀياس، (10) سنڌي ادب ۾ تنقيد- ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري، (11) سنڌ ڪيس (I- آڪٽوبر 2009ع، II- نومبر 2009ع)، (12) جمهوريت، صحافتي اخلاقيات ۽ ميڊيا ۽ (13) رسول بخش پليجي جون مڪمل تحريرون- سياسي ادب (3جلد: ترتيب) ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته سندس 400 کان وڌيڪ ادبي، فڪري ۽ سياسي مضمون، ڪالم ۽ ٻيون ادبي ۽ تخليقي لکڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪيون آهن. فلسفو، ادب ۽ سياست سندس پسنديده موضوع آهن. تازو کيس هڪ عالمي ٿنڪ ٽينڪ طرفان ريسرچ اسڪالر طور واشنگٽن، آمريڪا ۾ فيلوشپ ڏني وئي، جنهن دوران هن ’پاڪستان ۾ وفاقيت جي بحران ۽ قومي خودمختياريءَ‘ جي موضوع تي انگريزيءَ ۾ هڪ تحقيقي ڪتاب لکيو.

هي هن وقت هڪ تحقيقي، علمي ۽ تربيتي اداري ’سي پي سي ايس‘ (سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي) جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آهي ۽ ان اداري طرفان انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ شايع ٿيندڙ تحقيقي ۽ فڪري جرنل ٽه ماهي ’فريڊم‘ جو ايڊيٽر آهي.


لفظ جامي چانڊيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.03.11  عيسوي

جامي چانڊيو: نوجوان دانشور، ڪالم نگار، نقاد جامي چانڊيو 11 مارچ 1969ع تي ڳوٺ ٺوڙهي بجار، تعلقي قمبر، ضلعي قمبر- شهدادڪوٽ ۾ نامور تعليمدان ۽ فارسيءَ جي صاحب ڪتاب شـاعـر ، پـروفيـسـر عبـدالـحـئي چانڊيي جي علمي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اشرف سمون ڊاڪٽر
ڀوڄ سنگهه پهلاجاڻي
جلال الدين رومي
جيلاني، سيد محمد صالح شاهه ثاني
برجيٽ آلچن
قاضي دائود
جاگيراڻي غلام مرتضيٰ خان
شهمير خان ڀنگوار
سليم ناصر
چندر سنگهه راڻو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون